چاهت فتح خان وري گاني جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا، باقاعده ايڊٽنگ، وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انوکي انداز ۽ وڏي خوداعتمادي جي ڪري راتورات ميمز جو ڌيان حاصل ڪندڙ چاهت فتح علي خان جي نئين گاني لوٽا لوٽا بم بم جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن جن کي ڏسي ماڻهن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن.

هٿن ۾ ڪنئورا کڻي چاهت خان ڪجهه نئون ڪري ڏيکارڻ چاهيو آهي پر چاهت جي گاني واري چاهه تي وري ميمز ٺهي رهيون آهن.

لوٽا لوٽا جي وڊيو ۾ سياستدان، صحافي، واپاري، زميندار، ملازمن سميت ٻين کي چيلينج ڪندڙ چاهت جو گانو انوکائپ جي ڪري ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.

سوشل ميڊيا واهپيدار نئين گاني کيملڪ جي حالتن سان ڳنڍي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.