اي آءِ انساني خيالن کي تصويري شڪل ۾ پيش ڪندي؟

هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ ) مستقبل ۾ انسانيت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي ڇو جو سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اي آءِ تمام جلد انسانن جي خيالن کي پڙهڻ ۽ سندن تصويرون ٺاهڻ جي صلاحيت به حاصل ڪري وٺندي.

سنگاپور جي هڪ يونيورسٽي ۾ اهڙي نيورو ٽيڪنالاجي تي ڪم جاري آهي، جيڪا مصنوعي ذهانت جي مدد سان ماڻهن جا خيال ڄاڻي انهن کي تصوير شڪل ڏيندي.

نيورو ٽيڪنالاجي ۽ هٿرادو ذهانت انساني سوچ لاءِ تمام وڏو خطرو ٿي سگهي ٿو، ماهرن جو چوڻ آهي ته نيورو ٽيڪنالاجي کي هٿرادو ذهانت جي الگورٿم ذريعي سُپر چارج ڪيو ويو آهي جيڪو ڊيٽا کي اهڙي نموني سان پروسيس ڪري سگهي ٿو جيڪو پهريان ڪڏهن ممڪن نه هو.

ٻئي پاسي عوامي راءِ آهي ته اِها ڳالهه ناممڪن آهي، ڇو جو جيستائين اوهان ڳالهائيندا نه يا پنهنجي خيالن کي اسڪرين تي ٽائپ نه ڪندا اوهان جي سسٽم کي پيٽرن جو پتو نٿو پئجي سگهي، تنهنڪري اسان کي هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ايترو ڊپ پکيڙڻ جي ضرورت ناهي ته اِها اسان جو دماغ پڙهي وٺندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.