ايلون مسڪ وڌيڪ پئسو ڪمائڻ جي خواهشمندن کي ”وڏي آڇ“ ڪري ڇڏي

 

ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس سميت پنهنجي منصوبن لاءِ مشهور ڪاروباري شخصيت ايلون مسڪ صحافين کي هڪ زبردست آڇ ڪري ڇڏي.

مسڪ هڪ اهم تجويز پيش ڪئي آهي، جنهن جو مقصد صحافين کي وڌيڪ خود مختيار بڻائڻ ۽ وڏين تبديلين ۽ پابندين مان گذرندڙ ان انڊسٽري ۾ ڪمائي جي صلاحيت ۾ واڌ ڪرڻ آهي.

مسڪ جو خيال آهي ته ”ايڪس“ هڪ اهڙو پليٽ فارم بڻجي سگهي ٿو، جتي صحافي پنهنجي ڪم کي سڌي ريت شايع ڪري سگهن ٿا، بهتر تخليقي ڪنٽرول مان لطف اندوز ٿي سگهن ٿا ۽ مالي انعام حاصل ڪري سگهن ٿا.

ايلون مسڪ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي لکيو ته ”جيڪڏهن توهان صحافي آهيو، جيڪي لکڻ جي آزادي ۽ وڌيڪ آمدني چاهين ٿا ته سڌي ريت ان پليٽ فارم تي (پنهنجو آرٽيڪل) شايع ڪيو“.

مسڪ جي اها آڇ امڪاني چئلينجن ۽ اخلاقي خدشن بابت دلچسپ سوال به کڻي ٿي، جيڪي هڪ نئين پليٽ فارم سان پيدا ٿي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.