ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس يوسف سعيد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ آڏو ڦرلٽ جي دوران شهرين جي قتل ۽امن وامان جي صورتحال جي حوالي سان داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي،درخواستگذار انجمن نواجونان مهاجر پاران وڪيل حسن خان پيش ٿيو، وڪيل چيو ته ڪراچي ۾ ڦرلٽ وڌي وئي آهي نوجوان قتل ٿي رهيا آهن پوليس جي ڪابه پيٽرولنگ نه آهي سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي ته پوليس وي آءِ پيز ڊيوٽي تي لڳائي آهي .عدالت سپريم ڪورٽ جو حڪم طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي