سائفر معاملو، صدر پنهنجي سيڪريٽري وقار جون خدمتون واپس ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي سيڪريٽري وقار احمد کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ ايوانِ صدر طرفان وزيرِاعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ڏانهن خط لکيو ويو آهي. ايوانِ صدر وزيرِ اعظم جي پرنسپل ڏانهن لکيل خط ۾ چيو آهي ته صدر جي سيڪريٽري وقار احمد جي خدمتن جي وڌيڪ ضرورت ناهي. خط ۾ وقار احمد جي جاءِ تي 22 هين گريڊ جي آفيسر حميرا احمد کي صدر جي سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ايوان صدر موجب،ڪالهه واري بيان کي نظر ۾رکندي ايوانِ صدر سيڪريٽري جون خدمتون اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي واپس ڪيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.