خدمتون واپس وٺڻ جو فيصلو انصاف تي ٻڌل ناهي، ايف آءِ اي جاچ ڪري :صدر جو سيڪريٽري

اسلام آباد(م ڊ) صدر عارف علوي پاران خدمتون واپس وٺڻ تي سيڪريٽري چيو آهي ته فائل صدارتي چيمبر ۾ آهن، رڪارڊ پيش ڪري بيگناهي ثابت ڪندس. صدر عارف علوي جي سيڪريٽري وقار احمد صدر  کي خط لکيو آهي. خط ۾ وقار احمد جو چوڻ آهي ته صدر منهنجيون خدمتون واپس ڪيون پر حقيقتون پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، تاثر ڏنو ويو ته ڄاڻايل بلن ۾ ڪنهن به بي ضابطگي جو ذميوار سيڪريٽري آهي.  وقار احمد موجب پاڪستان آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2 آگسٽ تي ايوان صدر ۾ پيش ٿيو هو، بل 3 آگسٽ تي صدر ڏانهن اماڻيو ويو هو، حقيقتون واضح آهن، حقيقت اها آهي ته فائل اڃا تائين صدارتي چيمبر ۾ آهن.  وقار احمد جو چوڻ آهي ته صدر پاران سيڪريٽري جون خدمتون واپس وٺڻ جو فيصلو انصاف تي ٻڌل ناهي، صدر آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري نه ڏني ۽ نه ئي لکت ۾ واپس پارليامينٽ کي موڪليو.  ڄاڻايل فائل 21 آگسٽ تائين سيڪريٽري جي آفيس ۾ واپس نه ڪيو ويو. وقار احمد صدر کي درخواست ڪئي آهي ته ايف آءِ اي يا ڪنهن اداري کان جاچ ڪرائي وڃي، انڪوائري ڪرائي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن غفلت ڪئي آهي ته ذميوار قرار ڏنو وڃي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ گهرايو ته رڪارڊ سان گڏ ويندس. حقيقتون ٻڌائيندس، رڪارڊ پيش ڪري پنهنجي بي گناهي ثابت ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.