ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ پنهنجي نگران ڪابينا جي تعارفي اجلاس ۾ ڪراچي ۾ امن امان کي ڪٽرول ڪرڻ سميت ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ نگران وزيرن برگيڊيئر (ر) حارث نواز، يونس ڍاگا، مبين جماڻي، ڊاڪٽر سعد خالد، ڊاڪٽر جنيد شاهه، مسز رانا حسين، ايشور لال، ارشد ولي محمد، عمر سومرو، خدا بخش مري، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ نگران وڏي وزير چيو ته ڪابينا جو تعارفي اجلاس آھي جنهن جو مقصد گڊ گورننس، عوام جي خدمت ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي پنهنجو ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ سهڪار وارن ايجنڊن کي ترتيب ڏيڻ هو. نگران وڏي وزير جسٽس باقر چيو ته ٻوڏ کانپوءِ صوبي ۾ غربت گهڻي وڌي وئي آهي تنهنڪري غربت جي خاتمي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي،هن چيو ته اسان ٻين تي الزام هڻڻ لاءِ نه آيا آهيون، پر عوام جي خدمت ڪندي گورننس کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي مدد ڪنداسين. جسٽس باقر جو چوڻ هو ته صوبي ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي ڇوته هن ملڪ ۾ مختلف عقيدن جا ماڻهو گڏجي رهن ٿا پر رياست مخالف ٽولا مذهبي نفرتون پکيڙي امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ اسان کي گهرجي ته انکي روڪجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جو زور وڌي ويو آهي تنهنڪري ڪابينا ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گهرو وزير کي هدايت ڪئي وئي ته هو پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان صلاح مشوري سان هڪ پلان تيار ڪري ته جيئن ڌاڙيلن خلاف ڪوآرڊينيٽڊ ڪلين اپ آپريشن شروع ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڏورانهن علائقن جا ماڻهو ڪراچي ۽ لاڳاپيل ضلعن ۾ سرڪاري آفيسن ۾ وڃي رهيا آهن جتي سندن مسئلا حل نه ٿي رهيا آهن. وڏي وزير سمورن وزيرن خاص طور تي روينيو، لوڪل گورنمينٽ، پوليس ۽ صحت کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل کاتن کي هدايتون ڏين ته هو پنهنجي آفيسن کي عوام لاءِ هر هنڌ فعال ڪن.