صدر جي خاموشي رضامندي ۾ شمار ٿئي ٿي: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ)اڳوڻي بچاءَ واري وزير ۽ مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ خواجا آصف جو چوڻ آهي ته آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ  ۾ ترميمن تي صدر پاڪستان جي خاموشي کي سندس رضامندي قرار ڏيڻ گهرجي،جيڪڏهن اسان انگريزي عام قانون تحت رضامندي جو اظهار نه ڪرڻ واري معاملي کي ڏسنداسين ته خاموشي کي رضامندي جي برابر سمجهيو ويندو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن صدر خاموش رهي ۽ پنهنجي اعتراض جو واضح اظهار نه ڪري ۽ ريمارڪس سان (بل) واپس نه ٿو ڪري ته اها ان معاملي تي سندس خاموشي سمجهي ويندي ۽ خاموشيءَ جو مطلب رضامندي هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.