لنڊن( م ڊ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته صدر پاڪستان جي بيان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته شفاف انڪوائري ذريعي کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيڻ گهرجي، صدر جيڪو بل چيڪ ڪندو آهي. اهي به ان تي دستخط ڪن ٿا، صدر جي معاملي ۾ زباني ڪجهه به ناهي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان جي اعليٰ آئيني عهدي تي ويٺل شخص کي زباني ڳالهائڻ نه گهرجي.