رياست مظلوم سان گڏ بيٺل هوندي،اڳتي جڙانوالا جهڙو واقعو ٿيڻ نه ڏينداسين: نگران وزيراعظم

فيصل آباد(م ڊ+اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ جي سمورين اقليتي برادرين کي يقين ڏياريو آهي ته حڪومت انهن جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي، انهن جي خلاف ڪڌن حملن  ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، اڳتي ڪنهن اقليت سان اهڙي ڪڌي حرڪت ڪندڙن کي عبرت جو نشان بڻايو ويندو، رياست مظلوم سان گڏ بيٺل هوندي، هو ڪالهه سومر ڏينهن ٻنپهرن جو جڙانوالا ضلعي فيصل آباد اچڻ جي موقعي تي 16 آگسٽ سانحي جي متاثرن ۾ 20، 20 لک رپيا ماليت جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي، انساني حقن وارو نگران وفاقي وزير خليل جارج، پنجاب جو گورنر محمد بليغ الرحمان، پنجاب جو نگران وڏو وزير سيد محسن نقوي، ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڃا کيس عهدو سنڀاليندي رڳو 2 ڏينهن ئي ٿيا هئا ته هي افسوسناڪ واقعو ٿي ويو پر هن فوري طور تي پنجاب حڪومت جي مشاورت ۽ معاونت ۽ انتظاميا ۽ پوليس عملدارن سميت پنهنجي سيڪيورٽي ايجنسيز جي تعاون سان سمورن ممڪن قدمن کي يقيني بڻائيندي واضح هدايت ڪئي ته نه رڳو اقليتن جي حقن ڀلي اهي مسيحي هجن، هندو، پارسي يا ڪنهن ٻئي مذّهب جي پيروڪارن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو پر لاقانونيت جي ڪنهن به ڪاروائي کي برداشت يا معاشري ۾ نفرت وجهڻ ۽ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته اڄ سندس جڙانوالا اچڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته هو پنهنجي اقليتن کي يقين ڏيارڻ چاهي ٿو ته ڪنهن کي پرتشدد رويو اختيار ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي مذهب، دين، نسل يا زبان جي بنياد تي ڪنهن کي نشانو بڻجڻ ڏنو ويندو تنهن ڪري جتي به اقليتن جي حقن جي ڳالهه ٿيندي ته رياست پنهنجي اقليتن سان گڏ بيٺل هوندي. هن چيو ته اسان جي آخري نبي حضرت محمد ﷺ جي تعليم ۽ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي جدا وطن حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جو اصل نقطو ئي اهو هو ته ننڍي کنڊ ۾ مسلمان اقليت کي پنهنجي مذهب ۽ عقيدي موجب زندگي گذارڻ جي لاءِ جدا خطو ڏنو ويندو ڇو ته ان وقت ننڍي کنڊ ۾ مسلمان اقليت ۾ هئا پر جڏهن پاڪستان ٺهيو ته هتي مسلمان اڪثريت ۾ جڏهن ته ٻيا مذهب اقليت ۾ اچي ويا پر پاڪستاني جهنڊي ۾ اڇو حصو انهن اقليتن جي حقن جي تحفظ جو نگهبان آهي. هن چيو ته رياست مسيحي، هندو، سک، پارسي يا ٻين اقليتن جي خلاف نفرت آميز عمل جي مظاهري جي اجازت نه ڏيندي. هن چيو ته قائداعظم اسان جو آئيڊيل اڳواڻ هو جنهن قومي رياست ۽ قومي وحدت جو درس ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن جي جان، مال، عزت، آبرو جو تحفظ ۽ معاشري ۾ عدل ۽ انصاف رياست جي ذميواري آهي ڇو ته ان کانسواءِ معاشرو قائم نه ٿو رهي سگهي. نگران وزيراعظم چيو ته جيتوڻيڪ ايندڙ سڀاڻي ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ نه آهي پر هو اهو يقين ضرور ڏياريندو ته جيڪڏهن ڪنهن شرپسند ٻيهر ڪنهن اقليت سان اهڙو ايڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو نشان عبرت بڻجي رهندو ۽ رياست مظلوم سان گڏ هوندي. هن چيو ته مشنري ادارن جون پاڪستان  لاءِ خيبر کان ڪراچي تائين نه وسارڻ جوڳيون خدمتون آهن ۽هو پاڻ به شروعاتي تعليم سينٽ فرانسس اسڪول مان حاصل ڪري چڪو آهي جتي ڪرسچين استادن کيس پڙهڻ، ڳالهائڻ، هلڻ سيکاريو. هن چيو ته قرآن پاڪ به ڪڏهن سيدنا مريم، ڪڏهن موسيٰ ۽ ڪڏهن آل عمران جو حوالو ڏنو تنهن ڪري اسان به پنهنجي آخري نبي ﷺ جي تعليم تي عمل پيرا ٿي انهن جي مڃيندڙن جي آبرو، عزت، جان، مال جو تحفظ يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته جن ماڻهن پاڪستان جي امن تي وار ڪيو آهي اسان انهن کي چڱي طرح ڄاڻون ٿا ۽ انهن جي هدفن ۽ مقصدن کان به آگاهه آهيون پر اسان انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان اقليتن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. نگران وزيراعظم چيو ته يورپ، آمريڪا، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ به اقليتن سان اڻوڻندڙ واقعا رونما ٿي وڃن ٿا پر اها اتان جي حڪومتن جي ذميواري آهي ته اهي پنهنجي قانونن موجب انهن کي منهن ڏين پر اسان ان ڏس ۾ ڪجهه به برداشت ڪرڻ جو مظاهرو نه ڪنداسين. هن چيو ته سمورا رياستي ادارا پنهنجي اقليتن سان گڏ بيٺل آهن ۽ اهي اڪثريت جي فاشسٽ ايجنڊا کي نه ته تحفظ ڏيندا ۽ نه ئي اڪثريت جي ويليو سسٽم کي زبردستي اقليت تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته جتي به ظلم ۽ زيادتي ٿي اسان اتي حق جو آواز بڻجي اٿنداسين. هن چيو ته اقليتن بابت اسان جي راءِ بلڪل واضح آهي ته انهن جي حقن جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي جنهن کي اسان هر حال ۾ پورو ڪنداسين ئي اهو نه ئي پر اسان يقين ڏياريون ٿا ته اسان جو رويو توهان کي اسان جي لفظن کان وڌيڪ اعمال مان نظر ايندو. هن چيو ته اسان امن ۽ اقليتن جي دشمنن کي ڀلي اهي ڪيترائي طاقتور ۽ بااثر يا مضبوط ڇو نه هجن آئين ۽ قانون موجب انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين ۽ اڳتي اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام جي سموري ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته فرعونيت ۽ موسويت قيامت تائين هلندي رهندي پر فرعون کي سدائين وانگر شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته جيڪي ملڪ ۽ معاشري جا دشمن هوندا آهن اهي پهريون وار انصاف تي ڪندا آهن پر اسان کي خوشي آهي ته ملڪ جي نامزد چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڻ جڙانوالا جو دورو ڪري اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي ته اقليتن جي حقن جي پائمالي برداشت نه ڪئي ويندي جڏهن ته چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير جو پڻ واضح موقف ملڪ ۽ امن دشمنن جي لاءِ واضح پيغام آهي ته اسان اهڙي قسم جي قانون شڪني تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين. هن چيو ته اقليتن جي جان ۽ مال جو تحفظ به اسان جي آئيني، قانوني، اخلاقي، انساني ذميواري آهي ڇو ته جيستائين عدل ۽ انصاف نه هوندو ڪو به معاشرو قائم نه ٿو رهي سگهي. هن چيو ته کيس ان واقعي تي سخت ڏک پهتو آهي ۽ هو سمجهي ٿو ته اهڙي قسم جو ڪڌو انساني رويو شيطان وانگر روپ ڌاري ڪينسر وانگر معاشري ۾ داخل ٿئي ٿو پر ڪنهن مذهب، دين، نسل، زبان سان ان جو ڪو تعلق نه آهي تنهن ڪري حڪومت اهڙو رويو برداشت نه ڪندي ۽ ان کي سختي سان ڪچليو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.