ڪراچي ( رپورٽر) پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته صدر عارف علوي پاران ڪيل ٽوئيٽ نامناسب آهي، صدر رياست جو سربراهه آهي، هن وٽ آئيني طريقو آهي. بل واپس موڪليا وڃن ها ته انهن کي به اهڙي طرح واپس موڪلين ها جيئن ٻيا بل واپس موڪليا ويا آهن.منهنجو خيال آهي ته اهو قانون جي سوال کان وڌيڪ حقيقت جو سوال آهي، صدر آئين جي آرٽيڪل 50 تحت پارليامينٽ جو حصو آهي.رضارباني وڌيڪ چيو ته صدر کي سينيٽ جي ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ گهرجي، ان واقعي سان لاڳاپيل آفيسرن کي اتي پيش ٿيڻ گهرجي، اها ڪميٽي جاچ ڪري ته اصل حقيقتون ڇا آهن، جيڪڏهن اهو ثابت ٿيو ته صدر غلط بياني ڪئي آهي ته ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. سندس خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وئي، رضا رباني چيو ته جيڪڏهن هن صحيح نه ڪئي ته پوءِ ان ايڪٽ جي ڪهڙي حيثيت رهي، اهو هڪ سوال آهي، اهو واضح ناهي ته صدر ان تي صحيح ڪئي آهي يا نه.