سنڌ جو عوام سردارن، پيرن،ميرن خلاف آواز اٿاري رهيو آهي: ام رباب

نوشهرو فيروز/ڪنڊيارو/ڀرياسٽي(نمائندا)سنڌ ۾ انصاف لاءِ جدوجهد ڪندڙ ام رباب چانڊيو ڪنڊيارو پهتي جتي هن مرحوم حاجي محمد صديق  کوسو جي وارثن سان تعزيت ڪئي تنهن بعد هن سماجي ورڪر محمد ڇٽل ابڙو جي چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي،ان موقعي تي ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو سنڌ ۾ ناانصافي عروج تي آھي شهيد معصوم نياڻي فاطمه جي واقعي تي دلي ڏک پهتو آهي اهڙي قسم جا واقعا قانون لاءِ سواليا نشان آهن، جڏهن ته  ام رباب چانڊيو جو ڀرياسٽي  بائي پاس آيان پمپ پھچڻ تي نوجوانن نعمان وسطڙو ، علي حيدر عباسي، نديم منگي ،منصور عباسي،رفيق عباسي،آصف سولنگي،بابر سولنگي ۽ ٻين پاران گلن جي ورکاء سان شاندار استقبال ڪيو ويو ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تـ سنڌ جي ماڻھن ۾ شعور اجاگر ٿي چڪو آھي، جو ھو سنڌ جي ڀوتارن، وڏيرن، پيرن ۽ ميرن خلاف آواز بلند ڪري رھيا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.