حنا شاهه ٻارن تي تشدد ڪندي هئي: اسد شاهه جي امڙ

راڻيپور: فاطمه قتل ڪيس۾ مک ملزم اسد شاهه جي والده ميران بيبي  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منهنجي پٽ جو ڪو قصور  ڪونهي  هو بي گناھ آهي حويلي ۾ حنا شاهه کي سندس والد ملازم ڏيندو هيو ڪجهه ڀڄي ويون هئي فاطمه بيمار هئي اسد ڪا به زنا نه ڪئي آهي هي قرآن پاڪ تي مان چوان ٿي ته اسد جي گھرواري حنا شاهه ٻارن تي تشدد ڪندي هئي باقي ريپ جي خبر ناهي حويلي ۾ ٻيا به ملازم آهن اسان خانداني آهيون اسان اهڙي حرڪت نٿا ڪري سگهون هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا منهنجي پٽ جي لاءِ خبرون پئي هلائي اسان گھر ۾ ويٺا آهيون حنا شاهه جو ڪمرو پوليس سيل ڪري ڇڏيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي باقي ذميوار آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ميڊيا اسان جو موقف به شامل ڪري رڳو پوليس جو هڪ طرفو بيان نه ڏيو اسان قانون سان مدد ڪنداسين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.