خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) راڻيپور ۾ بيدردي سان قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي واقعي کان پوءِ راڻيپور جي پيرن پاران ظلم جو شڪار بڻيل ماڻھن منظرعام تي اچڻ لڳا ان سلسلي ۾ پيرن جو ھڪ ٻيو اسڪيندل سامھون اچي ويو آھي جنھن ۾ قمبر شھداد ڪوٽ جي ثنا برھماڻي ڌي حاجي امداد برھماڻي جيڪا درگاھ تي رھي ھئي جيڪا اتان گم ٿي وئي جنهن جي خبر گذريل ڏينهن عوامي آواز اخبار ۾ شايع ٿيڻ بعد سنڌ جي نگران وڏي وزير رٽائيرڊ جسٽس مقبول باقر نوٽيس وٺندي ڪمشنر سکر ڊي آءِ جي سکر کي حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته هو جلد انڪوائري ڪري فورن رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ پيرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي ۽ هو پاڻ بچائڻ ناري جي وارثن کي راضي ڪرڻ لاءِ پڻ منٿون ڪري رهيا آهن،ناري جي والدين چيو ته اسان جهيڙي سببب پير سهيل احمد شاهه وٽ نياڻي کي حويلي ۾ امانت طور ڇڏيو هو، ڏيڍ سال اڳ راڻيپور جي حويلي مان اوچتو فون ڪال ڪري آگاهه ڪيو ويو ته ناري لاپتا ٿي وئي آهي، هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا راڻيپور حويلي ۾ وياسين پر ڪجهه نه ٻڌايو ويو،