فاطمه جي والدين،حويلي مان فرار ٿيل ڇوڪرين جا بيان رڪارڊ،خانواهڻ ۾ مظاهرا

ڪنڊيارو(رپورٽ:محمد سومر گهانگهرو)راڻيپور حويلي واقعي ۾ وحشت ۽ بي دردي سان تشدد ڪري قتل ڪيل معصوم فاطمه واقعي تي سڄي سنڌ اڃان تائين سوڳ ۾ ورتل آھي،فاطمه جي والد نديم ڦرڙو سان سندس ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ تعزيت جو سلسلو  هلندڙ آھي،جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ مولانا ميرمحمد هنجراهه،ام رباب چانڊيو ۽ ٻين ڳوٺ علي محمد ڦرڙو پهچي تعزيت ڪئي ٻئي پاسي پوليس ذريعن موجب ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو  ۽ جاچ ٽيم فاطمه جي پيءُ نديم احمد، ماءُ شبانه ۽ حويلي کان ڀڄي ڳوٺ پهتل ڇوڪرين اجالا ۽ ثانيه کي ڳوٺ علي محمد ڦورو کان پوليس جي حفاظت ۾ خيرپور آفيس وٺي ويا جتي سندن بيان رڪارڊ ڪيوويو،بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد کين سخت حفاظتي انتظامن هيٺ واپس ڳوٺ پهچايو ويو.معصوم فاطمه واقعي خلاف ۽ سمورن ذميوارن جي گرفتاري لاءِ ڪنڊيارو ۾ سنڌ عوامي سٿ جي سڏ تي سول سوسائٽي پاران غمگين سيال، هارون ڪلهوڙو،ظهير ڪليري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪاميٽي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ،اڳواڻن چيو ته  قتل ۾ ملوث اسد شاه ۽ ٻين قاتلن کي سرعام  ڦاسي جي سزا ڏئي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي جڏهن ته واپارين ۽ سول سوسائٽي پاران خانواهڻ شهر ۾ پڻ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.