ڪراچي(رپورٽر)نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ،بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير مالڪ بلوچ نيشنل پارٽي جي ڪراچي آفيس ۾رکيل هڪ گڏجاڻي ۾ سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي پراڻن مسئلن کي ساڳئي تناظر ۾ ڏسڻو پوندو ۽ گڏيل جدوجهد ئي مسئلن جو حل آھي ،هن راڻيپور جي شهيدفاطمه ۽ شھيد جان محمد مهر واقعن جي مذمت ڪندي چيوته اهي ٻئي واقعا ڳڻتي جوڳا آهن، سنڌ ۾اهڙي قسم جي ٿيندڙ واقعن ۾ ۾ جاگيرداراڻي سماج جو اثر آھي جنهن خلاف نيشنل پارٽي عمل پيرا آھي.