حنا شاهه کي گرفتار ڪيو ويندو، ڪو به دٻاءُ ناهي: ڊي آءِ جي سکر

راڻيپور: ڊي آءِ جي سکر جاويد سونهارو جسڪاڻي راڻيپور ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته فاطمه قتل ڪيس جو مک جوابدار  گرفتار آهي  ڪيس ۾ نامزد سندس زال حنا شاهه ضمانت ورتي آهي اڄ سندس ضمانت پوري ٿيندي پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويندو  هن وڌيڪ چيو ته ڪيس جي پوري نموني جاچ ڪري رهيا آهيون ڪو به جوابدار بچي نه سگهندو ٽيڪنيڪل طور ڪم هلي رهيو آهي جيڪڏهن ڊي اين اي رپورٽ جنھن به ملزم جي ايندي انکي ريپ ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويندو اسد شاهه به مک ملزم رهندو ان جو گھر آهي ان جي ذميواري آهي اسد شاهه جي والده جيڪا نشاندهي ڪندي ان کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ آخري هوندي هن چيو ته ڪو به اسان مٿان دٻاءُ ناهي اسان ڪيس جي ميرٽ تي جاچ ڪري رهيا آهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.