اسان کي ڌمڪيون پيون ملن،هر صورت ۾ انصاف کپي: فاطمه جا والدين

راڻيپور: راڻيپور ۾ تشدد سبب نوجوان نينگري جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي ڇوڪري جي والدين جو چوڻ آهي ته جوابدارن پاران کين    ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر هو ڌمڪيون نه ٿا ڏين.عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول نينگري فاطمه جي پيءُ ۽ ماءُ چيو ته پير اسد شاهه جي حويلي ۾ اسان جي نياڻي فاطمه کي قتل ڪرڻ ظلم آهي،اسان کي نياڻي جي قتل تي انصاف کپي،انصاف کپي، سرعام انصاف کپي،مقتول فاطمه جي والدين جو چوڻ هو ته اسان جي ڌيءَ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. سڄي سنڌ اسان جو ساٿ ڏئي رهي آهي،اسان انصاف وٺي رهنداسين،جڏهن وڪيلن ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جو يقين ڏياريو ته مورال وڌي ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.