سانا طرفان فاطما جي والدين لاءِ گھر، تعليم لاءِ مالي سھڪار جو اعلان

واشنگٽن (پ ر) سنڌي اسيوسيئيشن آف نارٿ امريڪا طرفان راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ قتل ٿيل 10 سالن جي معصوم ٻارڙي  فاطمه ڦرڙو جي والدين جي مالي سھائتا لاءِ 15 لک رپين جو اعلان ڪيو ويو آھي، اھا امدادي رقم فاطمه جي والدين لاءِ روزگار جو بندو بدست ڪرڻ، رڌڻي ء ٽوائليٽ سان گڏ ھڪ ڪمري جي گھر جي تعمير ۽ سندس ڀينرن لاءِ تعليم تي خرچ ڪئي ويندي. سانا جي جنرل سيڪريٽري مشتاق راڄپر ۽ پريس سيڪريٽري افتخار ميمڻ پڌرائي ۾ چيو آھي ته آچر آگسٽ 27 تي سانا جو صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو ۽ طفيل ميمڻ متاثر خاندان سان سندن ڳوٺ خانواھڻ ۾ پنھجي مدد ۽ ساٿ جو يقين ڏيارڻ لاءِ سندن ڳوٺ ويندا ۽ فاطمه جي والدين کي گذارش ڪندا ته ھو انصاف جي حاصلات لاءِ جدوجھد تان ھٿ ھر گز نه کڻن، گرفتار ماڻھن سان ڪو به سمجھوتو نه ڪن. جڏھن ڏوھارين کي سزا ايندا تڏھن ئي معصوم فاطمه سان انصاف ٿيندو. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته امريڪا ء ڪينيڊا ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھو پيرن جي حويلين ۾ ڪم ڪندڙ معصوم ٻارن جي ڪم ڪرڻ جي سخت خلاف آھن، سانا طرفان اعلان ڪيل مالي امداد مان پيرن جي حويلي مان زندھ بچي نڪتل ٻن ٻين چوڪرين اجالا ڦرڙو کي پڻ 50 ھزار مالي امداد طور ڏنا ويندا. سانا جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيري مريدي جي ھن جديد دور ۾ ڪا جاءِ نه آھي، سنڌي ماڻھن کي پنھجي نياڻين کي اسڪولن ۾ پڙھائي بھتر مسقتبل لاءِ تيار ڪرڻ گھرجي، غربت، جھالت ۽ پسماندگي مان جند آجي ڪرائڻ جو رستو صرف تعليم ئي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.