سکر(رپورٽ:آزاد مهر )جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي, روادار تحريڪ جي اڳواڻ پنهل ساريو، غلام مصطفي ڦلپوٽو سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسانکي شھيد جان محمد مهر جي بي رحماڻي قتل تي دلي صدمو رسيو آهي سکر پوليس جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري قاتل آزاد گهمن پيا، هنن چيو ته سکر پوليس گذريل ٻن سالن کان نااهلي جو ثبوت ڏئي رهي آهي جو معصوم نياڻي پريا ڪماري کي هن مهل تائين بازياب ناهي ڪرائي سگهي، پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ 20 آگسٽ تائين مهلت گهري هئي جيڪا پوري ٿي وئي،اڄ خيرپور ڊي سي آفيس آڏو روينيو کاتي جي جعلساز ڪامورن خلاف احتجاج ڪنداسين روينيو کاتي جي ڪامورن حال حيات ماڻھن کي فوت ڄاڻائي کاتا مٽايا آهن.