مهانگائي کان تنگ شهري پاڻ وڪرو ڪرڻ لاءِ ٻارن سميت پهتو

ڪراچي (رپورٽر) منھنجي قيمت 25 ڪروڙ آھي، جيڪڏهن ڪو ماڻھو مونکي خريد ڪري ته جيئن مان پنھنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگھان،  اھا ڳالھ اورنگي ٽائون جي رھواسي اسحاق حسن خان پنھنجي  چئن ٻارن سميت ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي چئي ، ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هو چئن ٻارن جو پيءُ آھي مهانگائي جي ڪري پنھنجا ٻار پالڻ مشڪل بڻجي ويو آهي ، ھن چيو ته مان پرائيويٽ اداري ۾ نوڪري ڪندو آھيان منھنجي پگھار 30 ھزار روپيه  آھي مهانگائي ۽ غربت سبب چئن ٻارن جي تعليم ۽ ٻيا خرچ برداشت نٿو ڪري سگھان جنھن جي ڪري اڄ پنھنجي ٻارن سان گڏ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيو آھيان ، ھن چيو ته مان پاڻ کي وڪرو ڪري رھيو آھيان منھنجي قيمت 25 ڪروڙ آھي اگر ڪو ماڻھو مونکي خريد ڪري مان پنھنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگھان ، ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙ ٻارن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پنھنجي پيء کي وڪرو ڪرڻ جا آواز لڳائي رھيا ھئا ،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.