ڪراچي(رپورٽر) شهيد نذير عباسي جي 43 هين شهادت واري ڏهاڙي تي اڄ آرٽس ڪائونسل ۾ “جمهوريت جو مستقبل” ڪيس مڪالمو ٿيندو، پروگرام ۾ نيشنل پارٽي جو ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، عوامي ورڪرز پارٽي جو اختر حسين، پ پ جو تاج حيدر، نواز ليگ جو محمد زبير، عوامي حق پارٽي جي حميده گهانگهرو ۽ صحافي مظهر عباس خطاب ڪندا، پروگرام جا ميزبان ڊاڪٽر توصيف احمد خان ۽ ڊاڪٽر جبار خٽڪ آهن.