نوجوان احمد بروهي ڪيس ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو رپورٽ سميت طلب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي واسي نوجوان احمد بروهي کي ڪارنھن الزام  هيٺ قتل ڪري لاش روهڙي ڪئنال ۾ لوڙهڻ واري ڪيس ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي رپورٽ سميت طلب ڪري ورتو،عدالت ڪيس جو حتمي چالان جمع نه ڪرائڻ تي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي،عدالت جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته هفتي اندر ڪيس جو چالان جڊيشل مجسٽريٽ جي عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي، جڏهن ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن ھفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي،مقتول نوجوان احمد بروهي جي امڙ پيرين اگهاڙي سنڌ ھاءِ ڪورٽ پھتي، ميڊيا آڏو دانهيندي هن چيو ته وڏيرا ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، پٽ جو لاش به ناھي ملي سگھيو،نوجوان جي امڙ دانهيو ته جوابدارن خان محمد بروھي، سيف الله بروھي، عبدالعزيز، رمضان بروھي ۽ ٻين پٽ کي اغوا ڪري قتل ڪيو، مون کي پنجاھه لک رپيا نه پر قاتلن جي ڦاهي ۽ گرفتاري کپي،درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته نوجوان علي احمد بروهي کي 27جنوري تي لاڙڪاڻي مان اغوا ڪيو ويو ،هو سي ايس ايس امتحان جي تياري ڪري رهيو هو .اغواڪندڙن ۾ خان محمد بروهي،سيف الله بروهي ،عبدالغريز ۽ رمضان بروهي شامل آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.