گهوٽڪي ۾ برقعا پوش هٿياربندن جي دڪان تي فائرنگ،پيءُ پٽ قتل،لاش رکي ڌرڻو

گهوٽڪي(رپورٽ: آزاد مهر) گهوٽڪي شهر ۾ شاهه فيصل ڳڙ منڊي جي پٺيان جيئي لطيف ڪريانه اسٽور تي هٿياربندن انڌانڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ محمد قاسم گهوٽو واسي لاهوتي اقبال  گهوٽو ۽ سندس نوجوان پٽ علي گل گهوٽو مارجي ويا،ٻڌايو پيو وڃي ته 3 جوابدار هڪ موٽرسائيڪل تي سوار هئا، جن مان هڪ کي عورتاڻو برقعو پهريل هو، جن ڳڙ منڊي پٺيان نئين اڏيل مارڪيٽ ۾ ڪريانه جو دڪان هلائيندڙ پيءَ پٽ مٿان ڪلاشنڪوف جا برسٽ هلائي کين قتل ڪيو، شهر ۾ واقعو ٿيڻ باوجود جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا، جن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي، جڏهن ته فائرنگ جو آواز ٻڌي واقعي واري هنڌ وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ علائقي ۾ خوف ڇائنجي ويو، واقعي بعد اي سيڪشن پوليس پهچي مقتول پيءَ پٽ جا لاش تعلقه اسپتال پهچايا، جتي گهوٽا ذات سان لاڳاپيل سوين ماڻهو پڻ پهچي ويا، گهوٽا ذات جو سردار علي نواز گهوٽو به اسپتال پهتو ۽ مقتولن جي وارثن سان ملاقات ڪري ساڻن همدردي جو اظهار ڪيو، مقتول پيءُ پٽ جا لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارث ايمبولنس ذريعي اباڻي ڳوٺ محمد قاسم گهوٽو کڻائي ويا، جتي جنازي نماز بعد سندن تدفين ڪئي وئي، هوڏانهن واقعي بابت اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهوٽا ۽ ڀيري ذات ۾ جاري پراڻي تڪرار تان پيش آيو، جنهن ۾ اڳ به ٻنهي ڌرين جون انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، پوليس موجب مقتولن جي وارثن آخري رسمن جي ادائگي بعد ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو چيو آهي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. مارجي ويل لاهوتي اقبال گهوٽو ۽ سندس پٽ علي گل گهوٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گهوٽا برادري جي سوين ماڻهن جو جلال گهوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيو بس ٽرمينل ڀرسان نيشنل هاء وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو جنهن دوران سوين گاڏيون رڪجي ويون,ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته جوابدارن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو,هوڏانهن ڊي ايس پي گهوٽڪي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.