اسلام آباد (م ڊ) نگران وفاقي حڪومت بجلي جي وڪري، ورهاست ۽ ٽيرف جو موجوده نظام ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي صوبن جي ملڪيت ۾ ڏيڻ جي سمري وفاقي ڪابينا کي موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. دستاويز موجب وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ بجلي جو برابر ٽيرف ختم ڪرڻ، بجلي جي ريٽ ۽ سبسڊي جي ذميواري صوبن کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآباد ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني سنڌ جي ملڪيت ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪوئيٽه اليڪٽرڪ ڪمپني بلوچستان جي ملڪيت ۾ ڏني ويندي. دستاويز موجب لاهور، گوجرانوالا، فيصل آباد ۽ ملتان اليڪٽرڪ سپلاءِ جي ملڪيت پنجاب کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد اليڪٽرڪ ڪمپني جي ملڪيت گڏيل طور پنجاب ۽ وفاق جي هوندي. دستاويز موجب پشاور ۽ ٽرائبل ايريا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني خيبر پختونخواهه جي ملڪيت ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.