ڪڻڪ منتقلي تي پابندي: چيف سيڪريٽري سنڌ اڄ عدالت طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس يوسف سعيد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ آڏو ڪڻڪ جي هڪ  ضلعي کان ٻئي ضلعي موڪلڻ تي پابندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر خوراڪ پيش نه ٿيڻ تي چيف جسٽس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .خوراڪ کاتي جي آفيسر عدالت کي ٻڌايو خوراڪ کاتي جو سيڪريٽري پرڏيهه ويو آهي .چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته خوراڪ جو ڊائريڪٽر به نه آيو آهي، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي حڪم ڏيندي چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ  کي چيو وڃي ته اڄ 11وڳي  عدالت ۾ پيش ٿي ڪري وضاحت ڏئي .ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ نئون آيو آهي هن کي ان معاملي جي خبر نه آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هر ڪو نئون آهي هتي ماني جو معاملو آهي ڪو سياسي معاملو نه آهي .ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته ڪڻڪ تي پابندي ختم ڪئي وئي آهي .چيف جسٽس چيو ڪجهه نه ڪجهه چيڪ اينڊ بيلنس ته هجڻ گهرجي،اسان چيف سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪنداسين .ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ اسان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو آهي .عدالت چيو ته  اسان کي  اهڙو جواب نه گهرجي اسان خوراڪ کاتي جي ڊائريڪٽر کي طلب ڪيو هو .ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته  اسان رابطوڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو اسان جي ڪال ريسور نه ڪري رهيو آهي .عدالت اڄ 11وڳي چيف سيڪريٽري سنڌ کي طلب ڪري ورتو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.