بلن جا فائل صدارتي چيمبر ۾ آهن، رڪارڊ پيش ڪري بي ڏوهي ثابت ڪندس: سيڪريٽري جو صدر کي خط

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي جي هٽايل سيڪريٽري وقار احمد صدر کي خط لکي ڇڏيو.

خط ۾ وقار احمد چيو آهي ته صدر منهنجون خدمتون واپس ڪري ڇڏيون پر مان حقيقتون سامهون رکڻ چاهيان ٿو، اهڙو تاثر ڏنو ويو ته سيڪريٽري ڄاڻايل بلن بابت ڪنهن بي ضابطگي جو ذميوار آهي.

وقار احمد موجب پاڪستان آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2 آگسٽ تي ايوان صدر ۾ وصول ٿيو، صدر کي اهو بل 3 آگسٽ تي موڪليو ويو، حقيقتون واضح آهن نه مان بلن جي معاملي ۾ دير ڪئي ۽ نه بي ضابطگي، حقيقت اها آهي ته فائلز اڃا تائين صدارتي چيمبر ۾ موجود آهن.

هن چيو ته صدر جو خدمتون واپس وٺڻ جو فيصلو انصاف تي ٻڌل ناهي، صدر آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي نه منظوري ڏني، نه لکت طور واپس پارليامينٽ موڪلڻ جو چيو، ڄاڻايل فائل 21 آگسٽ تائين سيڪريٽري آفيس ۾ واپس نه موڪليو ويو.

وقار احمد صدر کي درخواست ڪئي آهي ته هو ايف آءِ اي يا ڪنهن به ايجنسي کان جاچ ڪرائي، انڪوائري ڪرائي جيڪڏهن ڪنهن ڪوتاهي ڪئي آهي ته ذميواري وڌي وڃي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ يا ڪنهن عدالت گهرايو ته مان رڪارڊ سوڌو وڃي حقيقتون ٻڌائيندس، مان رڪارڊ پيش ڪري پنهنجي بي ڏوهي ثابت ڪندس.

سندس موجب مان ايوان صدر جي آفيس جي وقار کي گهٽ نه ڪيو، آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل 8 آگسٽ جي شام آفيس بند ٿيڻ کانپوءِ ايوان صدر کي وصول ٿيو، آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل 9 آگسٽ تي صدر کي موڪليو ويو، صدر انهن ٻنهي بلن تي صحيصحون چڱي ريت ڄاڻي ٿو.

صدر جي هٽايل سيڪريٽري چيو ته آرٽيڪل 75 تحت صدر کي بل جي 10 ڏينهن اندر منظوري جو اختيار هوندو آهي، آرٽيڪل 75 تحت صدر کي بل 10 ڏينهن اندر واپس پارليامينٽ کي ٻيهر غور لاءِ موڪلڻ جو اختيار آهي، واضح هو ته وزيراعظم ايڊوائس 8 آگسٽ تي موڪلي، صدر بل جي منظوري ڏني نه ئي واپس پارليامينٽ کي موڪليو، آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل 21 آگسٽ تائين صدر جي آفيس ۾ موجود آهي.

هن چيو ته خدمتون واپس ڪرڻ جو فيصلو انصاف تي ٻڌل ناهي، مان حلفي بيان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، صدر کي درخواست آهي ته منهنجون خدمتون واپس ڪرڻ جو خط واپس وٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.