فاطما کان اڳ ثنا گراماڻي سان حويلي ۾ ڇا ٿيو، وڏي وزير نوٽيس ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قمبر جي رهواسڻ ناري ٻن سالن کان گم آهي، سندس وارثن راڻيپور جي پيرن مٿان کيس گم ڪرڻ جو الزام لڳايو هو.

ڳوٺ ميڻا جي رهواسڻ ناري ثنا گراماڻي جي پيءُ ديدار گراماڻي گذريل ڏينهن چيو هو ته راڻيپور جي پيرن جا مريد آهيون، ثنا کي مڙس سان اختلافن بعد راڻيپور جي پيرن وٽ ڇڏي آيا هئاسين، فاطما جي واقعي کانپوءِ خدشو آهي ته ثنا کي به گم يا قتل ڪيو ويو آهي.

اهڙي انڪشاف بعد پيرن جا ماڻهو به ثنا گراماڻي جي وارثن وٽ پهچي ويا ۽ منٿون ڪرڻ لڳا.

ثنا جي وارثن موجب هو سام طور پيرن وٽ ترسيل هئي جيڪا ٻن سالن کان گم آهي.

تنهن بعد سندس وارثن هي وڊيو بيان ڏنو آهي.

ٻئي پاسي سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي مان ناري ثنا گراماڻي جي گم ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو آهي.

سنڌ جي نگران وڏي وزير پوليس عملدارن کي واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ناري کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.