ماضي قريب کان وٺي بلڊ پريشر جي مرض ۾ وڏي حد تائين واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ ماهرن هاڻي ان جو هڪ ٻيو وڏو سبب ڳولي ورتو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته بلڊ پريشر جي مرض ۾ وڏي حد تائين تازي واڌ جو سبب ڪوروڊ اڻويهه آهي.
جرنل هائپرٽينشن ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪووڊ 19 سان متاثر ماڻهن ۾ هاءِ بلڊ پريشر جي عارضي جا خطرا تمام گهڻا وڌي ويا آهن.
هاءِ بلڊ پريشر کي خاموش موت چيو ويندو آهي ڇو ته ان جو شڪار ماڻهن کي گهڻي قدر ان جي خبر ئي ناهي هوندي.
هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار ماڻهن جي رت جون رڳون سوڙهيون هونديون آهن جنهن جي ڪري رت جا وهڪرا متاثر ٿيندا آهن.
جيتريون رڳون سوڙهيون يا سنهيون هونديون اوترو ئي دٻاءَ پوندو ۽ وري اوترو ئي بلڊ پريشر وڌندو.
وقت سان گڏوگڏ اهو مختلف صحت جي مسئلن جهڙوڪ دل جي بيمارين، دل جي دوري يا فالج جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
البرٽ آئن اسٽائن ڪالج آف ميڊيسن جي ان نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪووڊ جي ڏهه سيڪڙو مريضن ۾ ان مرض ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ ڇهه مهينن کانپوءِ هاءِ بلڊ پريشر جي سڃاڻپ ٿي آهي.
واضح رهي ته بلڊ پريشر جو مسئلو عام بڻجي ويو آهي پاڪستان هجي توڙي دنيا ڪروڙين ماڻهو وڏي حد تائين ان مرض ۾ متبلا ٿي رهيا آهن.