گڙدي جي پٿريءَ جون علامتون، مريض کي ڪهڙين غذائن کان پاسو ڪرڻ گهرجي؟

گڙدن ۾ نٿري حقيقت ۾ معدنيات ۽ لوڻياٺ جا ننڍا ذرا هوندا آهن، جيڪي ان وقت ٺهندا آهن، جڏهن پيشاب ۾ لوڻياٺ ۽ معدنيات جو مقدار وڌيڪ ٿي وڃي ۽ اهي ڄمڻ لڳن.
اها پٿري ڪڏهن ننڍي ته ڪڏهن وڏي به ٿي سگهي ٿي پر جڏهن اها پيشاب جي ناليءَ مان گذرندي آهي ته سخت تڪليف جو سبب بڻجندي آهي.
ماهرن موجب پاڻي جي کوٽ ۽ ڪجهه بيمارين سان گڏ غذا جو به ان ۾ اهم ڪردار هوندو آهي.
ڪجهه غذائون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي پيشاب ۾ آڪسيليٽ، ڪيلشيم، يورڪ ايسڊ ۽ سوڊيم جو مقدار وڌائي ڇڏينديون آهن ۽ اهي ئي جزا پٿري جو سبب بڻجندا آهن.
طبي ماهرن اهڙين ڪجهه غذائن جي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪي خاص طور پٿري جي مريضن کي گهٽ استعمال ڪرڻ گهرجن.
پالڪ
پالڪ توڙي جو عذائيت سان ڀرپور سبزي آهي پر ان ۾ آڪسيليٽ جو مقدار وڌيڪ هجڻ سبب اها ڪيلشيم سان گڏجي ”ڪيلشيم آڪسيليٽ پٿري“ ٺاهڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
چقندر
چقندر به پالڪ جيان آڪسيليٽ سان ڀرپور هوندا آهن، تنهن ڪري پٿري جي مريضن کي ان جي استعمال ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي.
خشڪ ميوا
بادام، ڪاجو ۽ مڱيرا صحت لاءِ فائديمند ضرور آهن پر انهن ۾ آڪسيليٽ جو وڌيڪ مقدار پٿري جي خطري کي وڌائي سگهي ٿو.
چاڪليٽ
ڪوڪو ۽ ڊارڪ چاڪليٽ ۾ به آڪسيليٽ جو وڌيڪ مقدار هوندو آهي، جيڪو حساس ماڻهن لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.
چانهه
ڪاري چانهه آڪسيليٽ سان ڀرپور هوندي آهي ۽ گهڻي پيئڻ سان گڙدن ۾ پٿري جو امڪان وڌي ويندو آهي.
گوشت
ڳاڙهي گوشت ۾ پيورين جو وڌيڪ مقدار جسم ۾ يورڪ ايسڊ وڌائي ”يورڪ ايسڊ پٿري“ ٺاهڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
شربت ۽ وٽامنز
شربت ۾ شامل فاسفورڪ ايسڊ ۽ کنڊ پٿري کي پيدا ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته وٽامن سي جو وڌيڪ مقدار به جسم ۾ آڪسيليٽ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، جيڪو پٿري جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.
ماهرن موجب پٿري جا مريض جيڪڏهن وڌيڪ پاڻي پيئن، لوڻ ۽ ڳاڙهو گوشت گهٽ کائين ۽ ڪيلشيم ۽ آڪسيليٽ وارين غذائن ۾ توازن برقرار رکن ته ان تڪليف ڏيندڙ بيماري مان جان ڇڏائي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.