چمن (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي چمن ۾ تور پل ڀرسان هڪ گهر ۾ سلينڊر ڌماڪي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.
چمن ۾ تورپل ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت ۽ 22 زخمي ٿي پيا.
ڌماڪي کانپوءِ ريسڪيو اهلڪارن پهچي امدادي ڪم شروع ڪيا ۽ ملبي مان لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز علائقي جو گهيرو ڪري ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو گهر ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٿيو، متاثر گهر ۾ ٻار افطاري لاءِ لسي وٺڻ ويا هئا، ڌماڪي سان گهر جو وڏو حصو ڪري پيو.
You might also like