لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا ۽ بابر اعظم سميت پاڪستاني ٽاپ آرڊر بيٽنگ لائن اپ بري طرح ناڪام رهي، جنهن پاڪستاني ٻيڙي کي هڪ ڀيرو ٻيهر طوفان ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.
ميگا ايونٽ ۾ هاڻ پاڪستان جو سيمي فائنل ۾ پهچڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، ظاهري طور ائين لڳي رهيو آهي ته ايشيا ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ جي فائنل فور ۾ ڪا به ايشيائي ٽيم شامل نه هوندي.
ميزبان سريلنڪا سيمي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي چڪي آهي، جڏهن ته سلمان علي آغا ۽ ڪوچ مائڪ هيسن چونڊ ۾ جيڪا سخت پاليسي اختيار ڪئي ان جي سزا پاڪستان ٽيم کي ڀوڳڻو پئي آهي.
ڪپتان فرنٽ تان قيادت نه ڪري سگهيو ۽ هاڻي پاڪستان لاءِ سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي.
ماضي جي عظيم رانديگر وسيم اڪرم شڪايت ڪئي آهي ته اڃايل کوهه ڏانهن ايندو آهي، مون کان پاڪستاني رانديگر پڇڻ جي ڪوشش به نه ڪندا، ڇا هاڻي مان پاڻ ڊريسنگ روم ٻاهر وڃي بيهان ته مون کان صلاح وٺو؟
انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ناصر حسين جو چوڻ آهي ته فخر زمان جهڙو بيٽر ٽي ٽوئنٽي فارميٽ مان ڊراپ نٿو ٿي سگهي، جڏهن ته مسٽري اسپنر ابرار احمد دنيا جي پهرئين جوڙ جي بالرن مان آهي پر شروعاتي ٽن ميچن کانپوءِ ٽورنامينٽ جي ايندڙ ميچن ۾ کيس ٽيم کان ٻاهر ڪيو ويو.
You might also like