ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: ويسٽ انڊيز کي هارائي ڏکڻ آفريڪا سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي ۾ 9 وڪيٽن تان مات ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ايڊن مارڪرم ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو صحيح ثابت ٿيو.
پهريان بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊيز جون هڪ موقعي تي 83 رنسن تي ست وڪيٽون ڪِري پيون هيون ۽ ڏکڻ آفريڪي بالر ميچ تي ڇانيل هئا.
ان کانپوءِ اڳوڻي ڪپتان جيسن هولڊر ۽ روماريو شيفرڊ وچ ۾ 89 رنسن جي ڀائيواري ويسٽ انڊيز کي مقابلي ۾ واپس آڻي بيهاريو، هولڊر 49 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته شيفرڊ 52 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.
ان کانسواءِ ڪپتان شاءِ هوپ 16، برينڊن ڪنگ 21، ردرفورڊ 12 ۽ رومين پائول 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ويسٽ انڊيز مقرر 20 اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا جي لونگي نگيڊي شاندار بالنگ ڪندي 3 جڏهن ته ڪاربن بوش ۽ ڪاگيسو ربادا 2-2 وڪيٽون ورتيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان 177 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ايڊن مارڪرم ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ شاندار شروعات ڪئي ۽ ٻنهي ميدان جي چئني پاسي خوبصورت اسٽروڪ کيڏيا.
ڏکڻ آفريڪا جي واحد وڪيٽ 95 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ جي صورت ۾ ڪِري، هو 47 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ايڊن مارڪرم 82 ۽ ريان رڪلٽن 45 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيا.
ويسٽ انڊيز جي روسٽن چيز هڪ وڪيٽ ورتي، شاندار بيٽنگ تي ايڊن مارڪرم کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.