نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ هڪ خطرناڪ ناياب بيماري ”برين ايٽنگ ايميبا“ معنيٰ پرائمري ايميوبڪ مينينگو اينسيفلائٽس (PAM) هيل تائين 19 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته ڪيترائي متاثر ٿي چڪا آهن.
اها بيماري نگليريا يا فاوليري نالي خوردبيني جراثيم سان پکڙجندي آهي، جيڪو عام طور تي هلڪي گرم مٺي پاڻي ۽ مٽيءَ ۾ ٿيندو آهي.
اهو جراثيم نَڪ ذريعي جسم ۾ داخل ٿي دماغي خلين تي حملو ڪندو آهي، جنهن سان دماغ ۾ سخت سوڄ پيدا ٿيندي آهي ۽ اڪثر ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مريض فوت ٿي ويندو آهي.
اختيارين موجب مريضن جون عمرون 3 مهينن جي ٻار کان وٺي 91 ورهين جي پيرسن تائين آهن، وقت سر سڃاڻپ سان زندگي بچائي سگهجي ٿي، ڪيرالا ۾ مريضن جي نقصان جي شرح 24 سيڪڙو آهي، جيڪا عالمي سراسري 3 سيڪڙو کان گهڻي وڌيڪ آهي، اها ڪاميابي تڪڙي سڃاڻپ ۽ ملٽي فوسين نالي اينٽي پيراسائٽڪ دوا جي استعمال سان ممڪن ٿي آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي توڙي جو ڪيسن جو انگ وڌيڪ ناهي پر سڄي رياست ۾ وڏي پيماني تي ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن ته جيئن وقت سر علاج ڪري سگهجي.
ماهرن موجب اهو مرض سڌي ريت پاڻي پيئڻ سان ناهي پکڙجندو پر گدلو پاڻي نڪ ۾ داخل ٿيڻ سان ٿيندو آهي.
You might also like