گڏيل عرب امارتن ۾ جاري ايشيا ڪپ جي ڀارت ۽ عمان جي وچ ۾ کيڏيل آخري ليگ ميچ ڊيڊ/مئل ميچ هئي، يعني اهڙي ميچ جنهن جي نتيجي سان ٽورنامنٽ تي ڪو به اثر نه پوي ها، پر ان ميچ مان ڪيترائي سبق ڏيندڙ نتيجا ڪڍيا پيا وڃن.
ڀارت ان ميچ ۾ 21 رنسن تان ڪاميابي ماڻي، پر دليون عماني ٽيم کٽي ورتيون.
فاتح ٽيم جي طرفان سنجو سيمسن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو پر ان مقابلي جو حقيقي هيرو عامر ڪليم هو، جنهن نه فقط سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون، پر ٻه وڪيٽون پڻ ورتيون.
ان ميچ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي کوڙ ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ۽ چيو پيو وڃي ته عمان اهو ڪري ڏيکاريو ته ڀارت ڪا گهڻي مضبوط ۽ ناقابلِ شڪست ٽيم ناهي.
ڪيئي واهپيدارن پاڪستاني ٽيم کي به نصيحت ڪئي ته ان کي ڀارتي ٽيم خلاف جيان مزاحمت ڏيکارڻ گهرجي ۽ ايندڙ ميچ ٽاس کٽڻ کانپوءِ ڀارت کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏيڻ گهرجي ڇو ته ”عمان ڀارتي بيٽنگ لائين اپ جو پول کولي ڇڏيو آهي.“
ان ميچ بابت سوريا ڪمار يادَو جي نه کيڏڻ واري فيصلي تي ڪيئي ميمز شيئر ڪيون پيون وڃن ۽ عمان جي رانديگرن سان پنهنجا تجربا شيئر ڪرڻ کي جتي ساراهيو پيو وڃي اتي عماني رانديگر عامر ڪليم سان ڀاڪر پائڻ تي سوال پڻ اُٿاريا پيا وڃن.
اِهو اصل ۾ سندس پاڪستاني رانديگرن کان پري رهڻ ۽ هٿ نه ملائڻ واري تڪراري فيصلي جو پڙاڏو آهي.
سوشل ميڊيا تي عامر ڪليم بابت چيو پيو وڃي ته جيتوڻيڪ هو عمان جي طرفان کيڏي رهيو آهي پر سندس واسطو ڪراچيءَ سان آهي.
ابوظهبي ۾ کيڏيل ميچ ۾ عمان جي ڪارڪردگي تي ڪيئي شوقين کين مبارڪون ڏئي رهيا آهن.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺان به لکيو ته ” عمان توهان بهترين راند ڏيکاري.“
هڪ واهپيدار لکيو ته ” هاردِڪ پانڊيا جي شاندار ڪئچ ڀارت کي تاريخ جي وڏي اپ سيٽ کان بچائي ڇڏيو.“
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ چيمپيئنز خلاف انعامي رقم واري تڪرار کانپوءِ عماني ٽيم پنهنجي اهم رانديگرن کانسواءِ کيڏي رهي هئي، جڏهن ته ڀارت گذريل 34 ٽي ٽوئنٽي ميچن مان 31 کٽي ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.
سوشل ميڊيا تي واهپيدارن جو چوڻ آهي ته عمان ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڀارت ايترو مضبوط ناقابل شڪست ناهي ۽ پاڪستان کي به اهڙو ئي جُرئت وارو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سپر فور جي ميچ سڀاڻي (آچر، 21 سيپٽمبر) دبئي ۾ کيڏي ويندي.
پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ايشيا ڪپ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دبئي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ دوبدو ٿينديون.
ٽورنامينٽ هي هاءِ وولٽيج ميچ پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ستين وڳي شروع ٿيندي.
You might also like