اسان پاڪستان خلاف ڪارروائي ان ڪري ختم ڪئي ڇو ته مقصد حاصل ڪري ورتا هئا: ڀارتي ايئر چيف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فضائيا جي سربراهه اي پي سنگهه چيو آهي ته جنگ انا جي تسڪين لاءِ نه وڙهڻ گهرجي، دنيا کي ڀارت مان سکڻ گهرجي ته تڪرار کي شروع ۽ جلد ختم ڪيئن ڪندا آهن.
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اي پي سنگهه چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن چاهيو ته آپريشن سندور کانپوءِ فوجي تڪرار دوران پاڪستان سان ويڙهه ختم نه ٿئي، اها ڪارروائي ان ڪري ختم ڪئي وئي، ڇو ته اسان اهم مقصد حاصل ڪري ورتا هئا.
هن اسرائيل ۽ روس يوڪرين جنگين جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪي جنگيون اڄ هلي رهيون آهن، انهن کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن پر ڪير ته تڪرار جي خاتمي لاءِ نه پيو سوچي، ڪنهن به تڪرار جي تمام گهڻي قيمت چڪائڻي پوندي آهي، ڊگهيون جنگيون ايندڙ تياري کي به متاثر ڪنديون آهن، ان سان اسان جي معيشت تي اثر پيو.
سندس چوڻ هو ته ماڻهو چون ٿا اسان کي وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ گهرجي ها، اسان تمام جلد جنگ روڪي ڇڏي، ها اسان دفاعي پوزيشن ۾ هئاسين، ان ۾ ڪو شڪ ناهي پر اسان جا مقصد ڪهڙا هئا؟ اسان جو مقصد دهشتگردي جو خاتمو هو، اسان کي انهن تي حملو ڪرڻو هو ۽ اسان اهو ڪيو، جيڪڏهن اسان جا مقصد پورا ٿي ويا ته پوءِ تڪرار ڇو ختم نه ڪيون؟
هن چيو ڀارت هڪ مثال قائم ڪيو آهي ته تڪرار کي شروع ڪرڻ کانپوءِ جلد کان جلد ڪيئن ختم ڪجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.