ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ هدايتڪار ڪرن جوهر جي فلم ”هوم بائونڊ“ کي آسڪر 2026 ۾ ڀارت جي نمائندگي لاءِ سرڪاري طور منتخب ڪيو ويو آهي.
فلم ڌرما پروڊڪشنز جي بينر هيٺ نيرج گهايوان جي هدايتڪاري ۾ ٺاهي وئي آهي ۽ ان ۾ جهانوي ڪپور، ايشان کٽر ۽ ويشال جيٿوا مک ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سماجي موضوع تي ٻڌل فلم اڃا تائين سئنما گهرن ۽ او ٽي ٽي پليٽفارمز تي رليز نه ٿي آهي.
”هوم بائونڊ“ موجوده ڀارت جي سماجي ۽ سياسي مسئلن جي عڪاسي ڪري ٿي، خاص ڪري ڪورونا وبا کانپوءِ ملڪ ۾ مهاجر مزدورن جي بي دخلي کي موضوع بڻايو ويو آهي.
فلم جي ڪهاڻي ٻن دوستن چندن (دلت) ۽ شعيب (مسلمان) جي چوڌاري ڦري ٿي ، جيڪي پوليس فورس ۾ ڪانسٽبل ٿيڻ جا خواهشمند آهن، هو ملڪ ۾ سخت ذات پات ۽ مذهبي تعصب کي منهن ڏين ٿا، پر پوءِ به پنهنجي خاندانن جي بهتر مستقبل جا خواب ڏسن ٿا.
فلم کي ڪانز فلم فيسٽيول ۾ پنهنجي پهرين اسڪريننگ دوران 12 منٽن تائين اسٽينڊنگ اوويشن مليو.
باظابطا رليز کان اڳ ئي ”هوم بائونڊ“ آسڪر لاءِ ڀارت جي آفيشل انٽري طور چونڊي وئي آهي، جيتوڻيڪ مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪندڙ ڀارتي فلم ”پشپا ٽو“ پڻ شامل هئي.
واضح رهي ته هوم بائونڊ 26 سيپٽمبر تي ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي.
You might also like