پيپلز پارٽي سنڌ ۾ خوف جي علامت بڻجي چڪي آهي: زين شاهه

ڪراچي (پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين  شاھ چيو آهي ته سنڌ ۾ نگران حڪومت ۽ ان جي صوبائي ڪابينا جي مقرري جو مرحلو  مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اعلىٰ بيروڪريسي ۾ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ جي بدلي خوش آئند  قدم آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ خوف جي علامت بڻجي چڪي آهي، جنهن پنھنجي گذريل 15 سالن واري دور حڪمراني ۾ بيورو ڪريسي جو استعمال ڪري سنڌ جي عوام کي سندن حقن کان محروم رکيو آهي، سيد زين شاھ چيو ته هاڻي نگران حڪومت، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ جي ذميواري آهي ته هو گذريل 15 سالن کان هيٺين سطح تي مقرر ٿيل پوليس ۽ روينيو ملازمن کي بدلي ڪري غير جانبداراڻي بنيادن تي مقرريون ڪن ته جيئن شفاف چونڊن جو تاثر بھتر ثابت ٿي سگھي، هن چيو ته اڃا تائين اڳوڻا صوبائي وزير سرڪاري گاڏين، بنگلن ۽ ٻين مراعتن  تي قبضو ڪري ويٺل آھن اسان مطالبو ٿا ڪريون ته انھن کان سرڪاري بنگلا، مفت بجلي، گاڏين ۽ پيٽرول جون سهولتون فوري طور تي واپس ورتيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.