ڪراچي کي دهشت گردن حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني بلديا ٽائون عابده آباد جي علائقي ۾ پيپلزپارٽي  يو سي 31 جي سينيئر نائب صدر شوڪت حماد بلوچ جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. سعيد غني چيو آهي ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي شهر ۾ اسان جا ٻن ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي.اهي انتهائي قابل مذمت واقعا آهن. ٻه ڏينهن اڳ اورنگي ٽائون ۾ امجد ۽ گذريل رات بلديا ٽائون ۾ شوڪت حماد کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو آهي.ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي هن چيو ته امجد واري سانحي ۾ ڪجهه گرفتاريون ٿيون آهن. هن چيو ته پرامن سياسي ڪارڪنن تي اهڙي قسم جا حملا گهڻا سوال اٿارين ٿا.هن چيو ته هڪ ڀيرو وري ڪراچي کي دهشت گردي حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.