فاطمه جي شهادت جا ذميوار حڪمران آهن: سراج الحق

لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن قومي چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو ته  هو وڪيلن سان مشاورت بعد سپريم ڪورٽ ويندا. پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي آخري ڏينهن ڊجيٽل مردم شماري جي منظوري ڏئي اليڪشن ملتوي ڪرڻ يا موخر ڪرڻ جي سازش ڪئي. پيپلزپارٽي ھاڻ اليڪشن جي لاءِ بيان ڏئي رھي آھي، هن چيو ته صدر مملڪت جا آفيشل سيڪريٽ بل ۽ پاڪ فوج ترميمي بل تي صدر جي موقف کانپوءِ نئون پنڊورا باڪس کلي ويو آهي ادارا مذاق بڻجي ويا آهن دنيا ۾ ملڪ جو مذاق اڏايو پيو وڃي سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي ته مونجهارا  ۽ آئيني بحران ختم ڪري. هن چيو ته  ته فاطمه کي سنڌ ۾ هڪ جاگيردار جي گهر ۾ تشدد ڪري شهيد ڪيو ويو.جيڪڏهن ملڪ ۾ چائلڊ ليبر جو قانون آهي ته پوءِ نوجوان ڇوڪرين کي گهر ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ فاطمه جي شهادت جا ذميوار حڪمران آهن.هن چيو ته ملڪ ۾ غريبن جو ڪو به پرسان حال ڪرڻ وارو ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.