سانگهڙ(ڊ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته راڻي پور ۾ نياڻي فاطمه ڦرڙو سان درندگي جو واقعو ۽ صحافي جان محمد مهر جو بيدردي سان قتل سنڌ ۾ “ انڌير نگري چوپٽ راڄ” جو چٽو ثبوت آهي، ٻنهي واقعن ۾ ملوث ڏوهارين کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي، پ پ جي 15 سالن واري اقتداري دور ۾ عوام بنيادي انساني سهولتن کان به محروم ۽ ڪچي توڙي پڪي جي ڌاڙلين جي رحم ڪرم تي هو، ڪرپٽ قيادت ۽ مسئلن کان نجات جو واحد رستو ملڪ ۾ اسلامي نظام جو نفاذ ۽ ديانتدار قيادت جي چونڊ آهي. سانگهڙ ضلعو تيل، گيس سميت قدرتي وسيلن سان مالا مال، ڪپهه، ڪڻڪ ۽ ٻين زرعي فصلن جي پيداوار ۾ پاڪستان جي ٽاپ جي ضلعن ۾ شامل هئڻ باوجود اڄ کنڊر بڻيل آهي، گذريل پنجن سالن ۾ شهرن ۾ روڊ رستن سميت ڪوبه ترقياتي ڪم ڪونه ٿيو، اسڪولن ۾ شاگردن کي ڪتابن ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم رکيو ويو آهي، جيڪڏهن تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي مد ۾ ملندڙ اربين رپين جي رائلٽي جيڪا حڪمرانن جي کيسن ۾ هلي ٿي وڃي سانگهڙ ضلعي جي عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪئي وڃي ته سانگهڙ پاڪستان جو پيرس بڻجي سگهي ٿو.اهڙن خيالن جو اظهار هن سانگهڙ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته سونامي جي تباهي کان پوءِ رهيل ڪسر پي ڊي ايم شهباز پوري ڪري ڇڏي جنهن ڪري اڄ غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ به پريشان آهي. هن اڳوڻي ضلعي امير رفيق منصوري سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيت ۽ مغفرت جي دُعا پڻ ڪئي ان موقعي تي ضلعي امير عبدالغفور انصاري، جنرل سيڪريٽري ظهير جتوئي۽ ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ موجود هئا.