ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافي امداد سومري چيو آهي ته مون کي هڪ پوليس آفيسر آف دي رڪارڊ ٻڌايو ته پير اسد شاهه کان غلطي ٿي وئي آهي، هن نشي ۾ نياڻي سان زيادتي ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسد شاهه درندي جو ڪمرو ڏسو ته اتي شراب جون بوتلون پيل آهن پير جي ڪمري ۾ 10 سالن جي نياڻي جو ڪهڙو ڪم آهي،هن ظلم کي لڪائڻ لاءِ نياڻي کي ماري ڇڏيو، ايس ايڇ او امير چانگ ۽ ڊاڪٽر کي اعتماد ۾ ورتو ويو ۽ فاطمه ڦرڙو جي وارثن کي 50 هزار رپيا ڏئي چيو ويو ته نياڻي بيماري سبب فوت ٿي وئي آهي، ان کي دفنائي ڇڏيو، چپ رهجو، اهڙون ڪيتريون ئي فاطمائون انهن جي حويلين ۾ قيد آهن