فاطمه سان جنسي تشدد جي رپورٽ رت روئاريندڙ آهي: سينيٽر سحر ڪامران

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽر سحر ڪامران چيو آهي ته انصاف هڪ استحقاق نه آهي، اهو هڪ حق آهي،معصوم ٻارڙي فاطمه جي المناڪ موت تي دل روئي ٿي. هن جي آخري  لمحن جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ هن جي جبر ۽ پوسٽ مارٽم جون خوفناڪ تصويرون ناقابل برداشت آهن. هن ناقابل بيان وحشت جو واحد جواب آهي تيز انصاف ۽ سخت سزا، اهڙن وحشي ڏوهن جي خلاف زيرو ٽوليرنس کي يقيني بڻائڻ گهرجي

  • فاطمه جو خون ظالمن جي حويلين کي لوڏي ڇڏيندو: ڊاڪٽر فوزيه

ڪراچي(م ڊ) سوشل ميڊيا صارف ڊاڪٽر فوزيه لکيو ته معصوم فاطمه جي قبر ڪشائي کان پوءِ بہ ھن جو چمڪندڙ چهرو چوڏھين جي چنڊ جيان نکري پيو قاتلن ۽  چاپلوسي حمايتي ڀولڙن جو ڪارو منهن ٿي ويو فاطمه جو خون اوھان ظالمن جي حويلين کي لوڏي ڇڏيندو اڄ به ھزارين معصوم ٻارڙيون انھن ظالم پيرن وڏيرن جي حويلين ۾ قيد بڻيل آهن

  • فاطمه سان زيادتي جي تصديق بعد بگهڙ پيرن کي سخت سزا ڏيو: عمران ڌامراهه

ڪراچي(م ڊ) پ پ اڳواڻ عمران ڌامراهه چيو آهي ته 10 ورهين جي فاطمه جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ تشدد ۽ جنسي ڏاڍائي ثابت ٿيڻ بعد واقعي ۾ ملوث بگهڙ اسد  شاهه ۽  پيرڻي حنا شاهه کي سخت سزا ڏني وڃي،هن چيو ته حڪومت سمورن پيرن جي حويلين تي باندي بڻيل خدمتگارن کي بازياب ڪرائي ۽ ٻارڙين جي نوڪري ڪرڻ تي پابندي مڙهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.