سياسي جماعتون سوچين ڪٿي ائين نھ ٿئي تھ سنڌ جو سماج کانئن اڳتي نڪري وڃي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) وومنز ايڪشن فورم جي سڏ تي راڻي پور ۾ پيرن جي حويلي ۾ معصوم نياڻي فاطمھ جي قتل واري واقعي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جنھن ۾ مختلف  شھرن کان ايندڙ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، صحافين، اديبن، وڪيلن، شاگردن، عورتن ۽ شاگردن سميت سنڌ جي سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو خطاب ڪندي چيو تھ معصوم فاطمه جي واقعي کانپوءِ سڄي سنڌ ڏک، تڪليف ۽ ڪاوڙ ۾ ورتل آهي، ڏهن سالن جي معصوم فاطمه جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ مطابق سندس جسم جو ڪو به اھڙو حصو نه ھو جيڪو تشدد کان خالي ھجي، معصوم نياڻي سان تمام وڏو ظلم ٿيو آھي، وحشي اسد شاهه ۽ سندس گهرواري حنا شاهه کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو تھ سنڌ ۾ جاگيردارن، وڏيرن ۽ سردارن ظلم ۽ جبر جي انتھا ڪري ڇڏي آھي، سنڌ ۾ روز معصوم نياڻيون، عورتون، صحافي ۽ معصوم ٻارڙا بيدردي سان ماريا پيا وڃن، سنڌ جي ساڃاھھ وند ڌرين کي متحد ٿي ڪري ھن جبر ۽ ڏاڍ خلاف ڀرپور آواز اٿارڻ گھرجي، پيري مريدي واري جاھلاڻي سوچ جي خاتمي جي لاءِ بھ باشعور ڌرين کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پير، مير، وڏيرا ۽ سردار سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻھن جي لاءِ زمين تنگ ڪري ويٺا آھن. نامياري ليکڪ جامي چانڊيو چيو تھ معصوم نياڻي فاطمھ جي قتل واري واقعي کانپوءِ سڄي سنڌ ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظھار ڪيو آھي. ھن چيو تھ معصوم فاطمھ جو قتل ۽ ملوث ڪجھھ ڏوھي فردن جو معاملو ناھي، پر فاطمھ جو ھي قتل ڪوڙن، بدبودار ۽ عوام دشمن مجرماڻي نفسيات، ذھنيت، طبقاتي جاگيرداري نظام جو نتيجو آھي، جنھن کي ڌڪ ھڻڻ ۽ جند ڇڏائڻ سنڌ جي شعور تي فرض آھي. ھن چيو تھ اسان جو مطالبو آھي تھ قاتلن کي گرفتار ڪري سزائون ڏيو، ھن پيري مريدي واري جاھلاڻي ۽ طبقاتي نظام کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي باشعور ماڻھن کي پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو. سنڌ ھاري ڪميٽي جي صدر ثمر جتوئي چيو ته اسد شاهه وحشي قسم جو ماڻهو آهي، جنهن معصوم فاطمھ کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اسد شاھھ جي زال حنا شاهه جيڪا قتل ۾ مک جوابدار آھي اھا اڃا تائين آزاد آهي، اسان جو مطالبو آھي تھ ان عورت کي بھ فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. نامياري قانوندان مير احمد مڱريو چيو تھ پيرن کي سياسي سرپرستي حاصل آهي، جيڪڏھن پيپلزپارٽي جي حڪومت هجي ھا ته فاطمھ جي قتل جي نه اعليٰ سطح جاچ ٿئي ها نھ ئي پيرن خلاف جيڪا ڪارروائي ٿي آھي اھا ٿي سگھي ھا، اھو سوچڻ گھرجي اسان جو پوليٽيڪل فورس ڪٿي آھي،سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو تھ سنڌ ھن وقت فڪر ۽ شعور جي لاءِ نوگو ايريا بڻجي وئي آھي، اھڙي صورتحال ۾ اسان سوچڻ تي مجبور ٿي وڃون ٿا تھ سياسي پارٽيون ڪٿي بيٺيون آھن، سياسي جماعتن کي سوچڻ گھرجي تھ ڪٿي ائين نھ ٿئي تھ سنڌ جو سماج ۽ ماڻھو توھان کان اڳتي نڪري وڃن ۽ پوءِ توھان ميارون ڏيندا رھو، ان ڪري سياسي پارٽين کي اپيل ڪيون ٿا تھ جتي سنڌ جو اديب، دانشور، صحافي، عورتون، انساني حقن جا اڳواڻ ۽ عام ماڻھو بيٺو آھي اتي توھان کي بھ انھن سان گڏ بيھڻو پوندو. ماروي اعواڻ چيو ته اڄ به ڪيتريون ئي فاطمائون ظلم ۽ تشدد جو شڪار ٿي رھيون آھن، جيڪي خوف سبب ميڊيا سامهون ناهن اچي سگهنديون، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ عاليه بخشل ٿلهو چيو تھ وڏيرن ۽ جاگيردان اسان غريب مسڪين ماڻهن لاءِ زمين تنگ ڇڏي آهي، موقعي تي حسين مسرت شاھھ، ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ ڪامريڊ اقبال، زاھدھ ڏاھري، گلدن جاويد مرزا، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ غفرانا آرائين، بشيران سولنگي، احمد نواز انقلابي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. احتجاج دوران نامياري شاعر بخش مھراڻوي فاطمھ تي لکيل نظم پڙھي.  .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.