آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيحون ناهن ڪيون: صدر

  • اسلام آباد ( م ڊ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته الله گواهه آهي، مون آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحي ناهي ڪئي. صدر عارف علوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل سان اتفاق نٿو ڪيان ۽ پنهنجي عملي کي چئي ڇڏيو هو ته بل بنا صحيح جي واپس موڪلي ڇڏيو. صدر وڌيڪ چيو ته مون عملي کان ڪيئي ڀيرا تصديق ڪئي ته بلَ بنا صحيح جي واپس موڪليا ويا آهن، اڄ خبر پئي آهي ته منهنجي عملي منهنجي مرضيءَ ۽ حڪم کي مجروح ڪيو. عارف علوي وڌيڪ چيو ته الله سڀ ڄاڻي ٿو، مان انهن سڀني کان معافي گهران ٿو جيڪي انهن بلن سبب متاثر ٿيندا، مون انهن بلن تي صحيحون ناهن ڪيون. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اِها خبر سامهون آئي هئي ته صدر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جنهن کانپوءِ ٻئي بل قانون بڻجي ويا آهن.

     

  • صدر 10 ڏينهن ۾ ڪو فيصلو نه ڪيو،بل قانون بڻجي ويو: نگران سرڪار

اسلام آباد(م ڊ) قانون جي نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم چيو آهي ته صدر جو قدم آئين جي اُبتڙ آهي، هُن پنهنجي عهديدارن کي بدنام ڪرڻ جي چونڊ ڪئي، صدر 10 ڏينهن جي آئيني مُدي ۾ ڪوبه دڳ استعمال نه ڪيو، ٻئي بِلز قانون بڻجي ويا آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته صدر پهريون ڀيرو ٻنهي بِلن تي ڪو آئيني دڳ اختيار نه ڪيو، آئين تحت صدر يا بِل منظور ڪري ها يا وري پنهنجي آبزويشن سان ٻيهر پارليامينٽ ڏانهن اُماڻي ها. احمد عرفان اسلم چيو ته نگران حڪومت وٽ سياسي مينڊيٽ نه آهي، اُها صدر جي باري ۾ ڪوبه تبصرو نٿي ڪري سگهي .  اُن کان اڳ وفاقي قانون وزارت صدر جي بيان تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته صدر کي مڃڻ گهرجي ته هُن بِلز جي معاملي ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪئي. هوڏانهن قانون ۽ انصاف واري وزارت جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 75 موجب، جڏهن ڪو بل منظوري لاءِ موڪليو ويندو آهي ته صدر وٽ ٻه اختيار هوندا آهن، يا ته هو بل جي منظوري ڏئي يا مخصوص خدشن سان معاملو پارليامينٽ ڏانهن واپس اُماڻي ڇڏي، آرٽيڪل 75 پٽاندڙ صدر وٽ ٽيون آپشن ناهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي ايڪٽ ترميمي بل ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل واري معاملي ۾ ڪنهن به اختيار عمل ناهي ڪيو ويو، پر صدر ڄاڻي واڻي منظوري ۾ دير ڪئي، بلن کي خدشن يا منظوري کانسواءِ واپس ڪرڻ جو اختيار آئين ۾ ناهي ڏنو ويو، اهڙو قدم آئين جي روح جي ابتڙ آهي، جيڪڏهن صدر کي بل تي خدشا هئا ته هو پنهنجي خدشن سان گڏ بل واپس ڪري سگهي پيو، جيئن هو ماضي ۾ به ڪيئي ڀيرا ڪري چڪو آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت وڌيڪ چيو ته هو ان سلسلي ۾ هڪ پريس رليز به جاري ڪري سگهن پيا، اِها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته صدر پنهنجي ئي عملي کي ڏوڪاري قرار ڏنو، صدر کي پنهنجي عمل جي ذميواري پاڻ کڻڻ گهرجي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.