فاطمه جي خون سان انصاف لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (پ ر)سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو راڻيپور جي پير اسد شاھ پاران  معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو  سان زيادتي ڪري کيس بيدردي سان قتل ڪرڻ خلاف ۽ سکر جي بھادر صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ کين عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ سارنگ جويي، زاھد کوسي، سھڻي جويو، غني عاجز جي اڳواڻيءَ ۾  احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي وڏي تعداد ۾ سنڌ جي اديبن، ليکڪن، قومي ڪارڪنن، وڪيلن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احتجاجي مظاھري کي مخاطب ٿيندي سارنگ جويي، زاھد کوسي، سھڻي جويو، پروفيسر اعجاز قريشي، امان الله شيخ، اعجاز خواجا،. ايڊووڪيٽ خليل انصاري، فضا پتافي، شھناز راھو، عائشه سرگاڻي، سميرا، سمير زمان، مرڪ منان چانڊيو، ورثا پيرزادو، ۽ ٻين چيو ته، سنڌ اندر وڏيراشاھي، پيرپرستي ۽ رياستي ادارن جي نااھلي جي ڪري ڪڏھن سنڌ جي شعور کي قبيلائي ۽ برادري جھيڙو ڄاڻائي ٽارگيٽ ڪري پروفيسر اجمل ساوند کي قتل ڪيو ٿو وڃي ته ڪڏھن وري بھادر صحافي جان محمد مھر کي قتل ڪيو ٿو وڃي، ته ڪڏھن وري معصوم نياڻي فاطمہ ڦرڙو سان راڻيپور جي ايم پي اي ۽ ايم اين جي ڀائٽيو اسد شاھ زيادتي ڪري کيس بيدردي سان قتل ٿو ڪري ڇڏي، ان موقعي تي وڏي تعداد ۾ سياسي سماجي ۽ قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جن ۾ شعيب شيخ، امداد سنڌي، مجاھد شيخ، سلطان سنڌي، شاگرد اڳواڻ وجاھت جاگيراڻي، سنڌ سڀا اڳواڻ انعام عباسي، جساف آزاد اڳواڻ اسد جروار، جسقپ اڳواڻ شاھد سومرو، فرحان سنڌي، ضياء شاھ، فرمان سنڌي، سانول سنڌي، مجاھد گاڏھي، سيد زمان شاھ، رخسانہ ھاليپوٽو، جمن پتافي، سڪندر شر، مير ڪيريو ۽ ٻيا شامل ھئا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.