سنڌ ۾ چائلڊ پروٽيڪشن ادارو عملي طور تي غير فعال

حيدرآباد: احتجاجي مظاھري ۾ ساڃاھھ وند ڌرين، معصوم نياڻي فاطمه جي قتل ۾ جوابدار ڄاڻايل حنا شاهھ کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ کيس  آساني سان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت وٺڻ جيتري مھلت ڏيڻ تي پوليس جي ڪردار جي مذمت ڪندي چيو تھ پوليس اھڙي ھاءِ پروفائيل ڪيس جي قتل واري ايف آئي آر ۾ جوابدار ڄاڻايل بااثر عورت کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ھٿ وٺي فرار ڪرائڻ جھڙو سنگين ڏوھه ڪيو آھي، انھن پوليس عملدارن خلاف پڻ فرض جي ڪوتاھي تي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. احتجاجي مظاھري ۾ مطالبو ڪيو ويو تھ پوليس کي ھن ھاءِ پروفائيل ڪيس ۾ ڪنھن سياسي يا سماجي دٻاءُ کان آجو ٿي پرفيشنل انداز ۾ ايمانداري سان ڪيس تي نظر رکڻ کپي ھا ۽ قتل واري ھنڌ کي بنا دير سيل ڪرائڻ گھرجي ھا، پر ھاڻي به جاءِ واردات جيڪا ويڊيو پڻ نظر ايندڙ آھي ان کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي تھ جيئن قتل سان جڙيل قانوني ثبوت مٽائڻ جو موقعو نه ملي سگھي. پوليس کي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ مريدياڻين سميت رھائش پذير ٻاھرين عورتن کي تحفظ فراھم ڪندي انھن جا بيان وٺڻ گھرجن ۽ انھن بيانن کي چالان جو حصو بنائڻ گھرجي، گڏوگڏ مقتولا فاطمه جا والدين جيڪي ھن ڪيس جا مک فريادي آھن انھن کي پڻ جوڳي پوليس سيڪيورٽي ڏني وڃي،  حنا شاهھ ۽ سندس مڙس اسد شاهھ جا موبائيل فون تحويل ۾ وٺي انھن جي فرانزڪ ڪرائي وڃي، گرفتار جوابدار کي پوليس ڪسٽڊي ۾ مليل غير قانوني سھولتون واپس ورتيون وڃن. فاطمھ جو قتل ثابت ڪري ٿو تھ سنڌ ۾ چائلڊ پروٽيڪشن جي حوالي سان ٺھندڙ ادارو عملي طور تي غير فعال آھي، پر گڏوگڏ سماجي تحفظ جو ادارو سوشل ويلفيئر جي اداري جي ڪارڪردگي پڻ مايوس ڪندڙ آھي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.