پيراڻيون گاديون سنڌ لاءِ عذاب بڻجي چڪيون آهن:رياض چانڊيو

ڪراچي(پ ر)جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو پنهنجي پريس بَيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ پيراڻيون گاديون يا انهن جي گادي  نَشينن جو خاندان ۽ انهن سان لاڳاپيل ماڻهون اَڄ سنڌ لاءِ عذاب ۽ اذيت گهرن ۾ تبديل ٿيا آهن،ماضي ۾ سنڌ جي مختلف درگاهُن جو شانائتو دور رهيو آهي، انهن جو فڪري علمي ۽ سماج جي اندر سُڌارن وارو ۽ مزاحمتي ڪردار رهيو آهي. پر هن وقت مسلسل حڪومتي طاقت ۽ اقتدار جي نَشي انهن کي بَدحواس ڪري ڇَڏيو آهي. جيڪو ڪجهه راڻيپور جي پيرَ اسد شاهه معصوم شَهيد فاطمه سان ڪيو آهي اها درندگي ۽ دهشَتگردي آهي،هن چيو ته حڪمرانن ۽ چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ جي آڏو مطالبو ڪيون ٿا ته   معصوم نياڻي جي قتل جي سَڄي واقعي جي ڪرمنل ۽ جوڊيشَل انڪوائري لاءِ سيشَن جَج خيرپور کي مقرر ڪيو وَڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.