پوسٽ مارٽم نه ڪندڙ ڊاڪٽر علي حسن وساڻ گرفتار

راڻيپور :راڻيپور فاطمه جي اهم پيش رفت ٿي آهي رورل هيلٿ سينٽر راڻيپور جو ايم ايس ڊاڪٽر علي حسن وساڻ کي راڻيپور اسپتال گرفتار  ڪري ورتو آھي  ڊاڪٽر علي حسن وساڻ کي فرض ۾ ڪوتاهي ڪرڻ معصوم ٻارڙي فاطمه جو پوسٽ مارٽم نه ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي ايم ايس ڊاڪٽر علي حسن وساڻ ٻارڙي فاطمه جي پوسٽ مارٽم نه ڪرڻ  ان جو لاش کڻي وڃڻ لاءِ  بغير پرميشن جي ايمبولنس ڏني وئي جنهن سبب گرفتار ڪيو ويو آھي جڏھن ته ڇھ ڏينهن جي جاچ ۾  9 ماڻهو گرفتار ٿي چڪا آھن جنھن ۾ جوابدار اسد شاھ ايس ايڇ او امير چانگ وڏو منشي خان محمد شيخ  ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ ايم ايس ڊاڪٽر علي حسن وساڻ ڪمپائونڊر امتياز ميراثي شامل آھن جڏھن ته چئن ڄڻن پير عبدالستار شاھ پير مسعود شاھ محمد بچل عباسي کي حراست ۾ وٺي ڊي اين اي لاءِ گمس گمبٽ منتقل ڪيو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.