معصوم فاطمه تي تشدد ۽ زيادتي جي تصديق،ظلم جو داستان بڻيل حويلي سيل

راڻيپور (رپورٽ : فياض حسين راڄپر) ڇھ ڏينهن اڳ قتل ٿيل معصوم نينگري فاطمه جي قتل ڪيس ۾ پوسٽ مارٽم ٿيڻ کانپوءِ  ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آھي  ايس ايس پي خيرپور جي اڳواڻي ۾ پوليس جو پيرن جي حويلي جو سرچ آپريشن  چئن ڄڻن کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي  چئن ڄڻن کي ڊي اين اي لاء گمس موڪليو ويو آھي جڏھن ته نينگري  فاطمه جا ورتل سيمپل ڄامشوري لمس ليبارٽري ۽ ڪراچي فرازنڪ ليبارٽري ڏانهن جزا موڪليا ويا آھن ايس ايس پي خيرپور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۾ خدشا ظاهر ڪيا ويا آھن ته نينگري فاطمه تي تشدد جا نشان موجود آھن ۽ زيادتي جا پڻ سيمپل ورتا ويا آھن جڏھن ته گرفتار جوابدارن اسد علي شاھ سميت پنجن ڄڻن جا ڊي اين اي جزا ورتا ويا آھن ۽ حويلين ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻين کي پڻ پوليس حوالي ڪرڻ  جو وعدو ڪيو آھي. جڏھن ته ايس ايس پي خيرپور جي صدارت ۾ ايس پي  سي ٽي ڊي سکر عبدالقدوس ڪلوڙ اي ايس پي گمبٽ نعمان ظفر ڊي ايس پي سعيد ڀيو  انويسٽيگيشن خيرپور ليڊيرز پوليس ڊي ايس پي مہناز بوزدار  سميت ڏهن ٿاڻن جي اي ايڇ اوز شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڪيس بابت بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته نينگري فاطمه جا ورتل جزا اڄ ڄامشورو لمس ۾ ۽ ڪراچي فرازنگ ليبارٽري ڏانهن پڻ موڪليا ويا آھن جڏھن ته گرفتار جوابدار اسد شاھ جو رمانڊ پورو ٿيو آھي جنھن کي سڀاڻي اڄ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

راڻيپور(ن ع آ) راڻيپور جي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ معصوم نينگري فاطمه جي موت جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ميڊيڪل بورڊ پنهنجي رپورٽ ۾ فاطمه تي تشدد جي تصديق ڪندي زيادتي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي،ميڊيڪل بورڊ شروعاتي رپورٽ ۾ معصوم ملازمه سان جنسي زيادتي ۽ جسماني تشدد جي تصديق ڪري ڇڏي، 8 رڪني ميڊيڪل بورڊ گذريل ڏينهن فاطمه جي لاش جو پوسٽ مارٽم ۽ معائنو ڪيو هو، مقتول فاطمه جي پوري جسم تي تشدد جا نشا اهن، تصديق لاءِ نمونا ليبارٽري موڪليا ويا، ميڊيڪل رپورٽ تي ايڊيشنل پوليس سرجن شهيد بينظير آباد بورڊ جي سمورن 8 ڊاڪٽرن جي صحيح سان جاري ڪئي، ڊي آءِ جي سکر موجب ميڊيڪل بورڊ پاران شروعاتي رپورٽ ۾ ميڊيڪل بورڊ فاطمه سان جسماني تشدد جي تصديق ڪئي آهي ۽ جنسي زيادتي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي،ڊي آءِ جي جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي حقيقتون مٽائڻ، لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائڻ تي نامزد ڪيو ويندو،ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته حويلي ۾ پوليس ڪيمپ قائم ڪري سمورن مردن جا ڊي اين اي سيمپل ورتا ويندا،ڊي آ جي موجب حويلي مان سمورن ٻارن کي فوري طور ريسڪيو ڪري پنهنجن گهرن ڏانهن موڪلڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن،جاچ ۾ شامل اڳوڻي ايس ايچ او راڻيپور جو رمانڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڏي منشي، ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر جو به رمانڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،هن چيو ته حويلي ۾ ڪم ڪندڙ ٻين ٻارن کي به فوري طور تي بازياب ڪرائي سندن گهرن ڏانهن موڪليو ويو آهي ۽ حويلي ۾ پوليس ڪيمپ قائم ڪئي ويندي جتي حويلي ۾ رهندڙ مردن جا ڊي اين اي نمونا گڏ ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.